علياڻي ڪبير خان

علياڻي، ڪبير خان: هي بهاولپور رياست جي اولاهين پاسي جي هڪ حصي جي سردار خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي جو ڀاءُ هو. ڪبير خان، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو خاص ملازم هو. سردار بهادر خان ميان غلام شاهه ۽ ان جي ڀاءُ ميان عطر خان جي جهيڙي ۾ وچ ۾ آيو ۽ عطر خان جو جو مددگار ٿي ميان غلام شاهه سان جنگ ڪيائين. ميان غلام شاهه لشڪر سميت اڀاوڙي ۾ پهتو ته سامهون خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي لشڪر سميت مليس. ٻنهي ڌرين ۾ زبردست جنگ لڳي، ڪبير خان علياڻي جنگ وڙهندو رهيو پر پنهنجي ڀائرن سردار بهادر خان ۽ قائم خان سان ڪونه وڙهيو. ڪبير خان وڏو بهادر هو، هن ميان غلام شاهه کي پنهنجي وفاداري ڏيکاريندي مخالف ڌر ۽ پنهنجي ڀاءُ بهادر خان جا ڪيترائي بهادر قتل ڪري ڇڏيا. جڏهن بهادر خان گولين لڳڻ سبب مري ويو، تڏهن قائم خان ميان عطر ۽ احمد يار خان کي پاڻ سان وٺي ميدان مان ڀڄي ويا. جنهن بعد بهادر خان جو لاش ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي ملازم ۽ خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي جي ڀاءُ ڪبير خان علياڻيءَ جي حوالي ڪيو. ڪبير خان، ميان غلام شاهه جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اجازت وٺي پنهنجي ڀاءُ بهادر خان علياڻيءَ جو لاش کڻائي اچي بهاولپور جي اولاهين حصي ۾، جتي بهادر خان جي سرداري هئي، دفن ڪيائين. ان کان پوءِ ڪبير خان علياڻي عزيزن ۽ قريبن کان موڪلائي اچي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وٽ حاضر ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو